ديوان فراق

ديوان فراق

ديوان فراق

ديوان فراق (ڪتاب): هي شاعريءَ جو ڪتاب اشفاق الانا ’فراق‘ ٺٽويءَ جو آهي، جنهن ۾ وڏو حصو غزلن جو آهي، جڏهن ته حمد ثنا، صفت، نعت ۽ مرثين ۽ قواليءَ جو صنعتن تي به شاعري شامل آهي. ڪتاب جو پيش لفظ سنڌ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي ان وقت جي سينيئر ائڊووڪيٽ قريشي محمد رمضان جو لکيل آهي. مهاڳ نامياري شاعر محمد جمن هالي ۽ ٻه اکر آتش ڪراچويءَ جا لکيل آهن. ان کان سواءِ خليفي فيض الانا قريشي، محمد خان سومري (اڳوڻي ايم. پي. اي) ۽ ممتاز قريشي (فلمساز) جا شاعر جي فن ۽ شخصيت تي تاثرات به شامل آهن. هي ديوان، الف ب وار غزلن تي مشتمل نه آهي. ڪرائون سائيز جي 120 صفحن تي مشتمل هي شعري مجموعو 1971ع ۾ ڇپيو ۽ ان جي قيمت 2.50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو